جمال الدين مومن

جمال الدين مومن

جمال الدين مؤمن

جمال الدين مؤمن: نامور استاد ۽ اديب جمال الدين ’مومن‘، 8 اپريل 1932ع تي هوت خان خاصخيليءَ جي گهر ۾، ڳوٺ نوان جتوئي، تعلقي موري ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم نوان جتوئيءَ مان حاصل ڪيائين. فائنل 1947ع ۾ استاد مشتاق احمد جي شيخ وٽان پڙهيو. سندس پهرين مقرري پرائمري اسڪول سيد خير شاهه، ضلعي نوشهري فيروز ۾ 13 فيبروري 1948ع تي پرائمري استاد طور ٿي. ايس. وي جي ڪورس (سينيئر ورنيڪيولر) جي ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد مان 1951-50ع ۾ ڪيائين ۽ واپسيءَ تي پرائمري اسڪول سيد خير شاهه ۾ هيڊ ماستر مقرر ٿيو. 1954ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان اديب سنڌيءَ جو امتحان ڏنائين ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ٻيو نمبر آيو. 1958ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ ۽ 1959ع ۾ انٽر ڪيائين. 1961ع ۾ اورينٽل گروپ ۾ بي. اي ڪيائين. 1961ع ۾ ئي اردوءَ ۾ فائنل نوابشاهه سينٽر مان، فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. استاد جمال الدين، 10 آگسٽ 1961ع ۾ مڊل اسڪول پڪا چانگ جو هيڊ ماستر مقرر ٿيو. ان کان پوءِ هاءِ اسڪول ڀنگو بهڻ، ڪنڊياري، نوشهري فيروز ۽ نوابشاهه ۾ پڙهيائين. 1965ع ۾ سنڌيءَ ۾ ايم. اي سيڪنڊ ڪلاس ڪيائين. 1964ع ۾ ٽريننگ ڪاليج مٺياڻيءَ ۾ ٽي سال ۽ ٽريننگ اسڪول سڪرنڊ ۾ هڪ سال استادن کي پڙهايائين. 1968ع ۾ مڊل اسڪول پيرونمل، ضلعي سانگهڙ ۾ هيڊماستر مقرر ٿيو. چئن مهينن جي عرصي کان پوءِ حڪومت جي خرچ تي بي. ايڊ جي ٽريننگ لاءِ سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد پهتو. بي. ايڊ پرائيويٽ ڪرڻ ۽ جواب مادري زبان سنڌيءَ ۾ ڏيارڻ جو سهرو سندس سر تي هو. 1969ع ۾ بي. ايڊ ڪيائين. بي. ايڊ کان پوءِ مڊل اسڪول ڏيپارجا ۾ هيڊماستر مقرر ٿيو، جنهن کان پوءِ سپروائيزر پرائمري تعليم سڪرنڊ ۽ مورو رهيو. استاد جمال الدين مؤمن 1969ع ڌاري نوان جتوئيءَ ۾ مصطفيٰ اورينٽل ڪاليج جو بنياد وڌو، جيڪو 1973ع کان ڊگري ڪاليج جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. 50 سالن جي عمر ۾ مُدي کان اڳ پهرين مارچ 1982ع تي پينشن تي لٿو ته جيئن ڪاليج کي وڌيڪ وقت ڏئي سگهي. استاد جمال الدين ’بزم نياز‘، ’مجلس احباب‘ ۽ ’بزم صابر‘ جو پايو وجهندڙ ۽ ميمبر، ايجيوڪيشن سوسائٽي نوان جتوئيءَ جو چيئرمئن، قومي ۽ سماجي ڪارڪن، خاصخيلي جماعت نوابشاهه جو صدر، ماهنامه رسالي ’اديون‘ ڪراچيءَ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ مؤمن پبليڪيشن جو چيئرمئن رهيو آهي. مومن پبليڪيشن طرفان ويهارو ڪتاب شايع ڪرايائين. ڪيترن ڪتابن جو مؤلف، مترجم ۽ مصنف رهيو آهي. جن ۾: ’سچل جا سنيها‘، ’پيرل فقير جي شاعري‘، ’ساهتيءَ جا سرواڻ‘، ’سخن صابر‘ (امام بخش ’صابر‘ جي شاعري- ترتيب) وغيره اچي وڃن ٿا. حڪومت سنڌ تعليمي خدمتن جو قدر ڪندي سندس ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جو نالو ’جمال الدين مؤمن خاصخيلي‘ رکي، پڪي بلڊنگ جوڙائي آهي، جنهن جي پاڻ ۽ سندس ڀاءُ استاد محمد حسن ’فدا‘ خاصخيلي سرپرستي ڪندا هئا. وفات کان پوءِ مؤمن صاحب جو لائق فرزند حبيب خاصخيلي هن اسڪول جي نگراني ڪري رهيو آهي. جمال الدين مؤمن جي ڪاليج مان ڪيترن شاگردن اديب سنڌي، اديب، عالم ۽ اديب فاضل ۾ نمايان پوزيشنون حاصل ڪيون آهن، جن ۾: تاج جويو، بشير احمد هيسباڻي، استاد نذير احمد کوکر ۽ ٻيا شامل آهن.


لفظ جمال الدين مؤمنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.04.08  عيسوي

جمال الدين مؤمن : نامور استاد ۽ اديب جمال الدين ’مومن‘، 8 اپريل 1932ع تي هوت خان خاصخيليءَ جي گهر ۾، ڳوٺ نوان جتوئي، تعلقي موري ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سوامي ڌرمداس
نواب سعيد خان
لونگ فقير سولنگي
جادو فقير شهيد
گل آغا
درس للو
احمد شيخ
ابوالقاسم نمڪين
ابڙو نصرت حسين
صوڀراج پرسرام مينگهاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون